(سچل سرمست) Sachal Sarmast


سچل سرمست


سچل سرمست, Sachal Sarmast Sindhi

سنڌي جو مشھور شاعر جيڪو عرف عام ۾ شاعر ھفت زبان سڏجي ٿو، ڇو تہ سندن جو ڪلام ستن ٻولين ۾ ملي ٿو. اهي ست ٻوليون هي آهن: عربي ،سنڌي ،سرائيڪي ،پنجابي ،اردو ،فارسي ۽ بلوچي.
سچل سرمست جي پيدائش 1739ع ۾ اڳوڻي رياست خيرپور جي ننڍي ڳوٺ درازا ۾ ھڪ مذھبي گهراڻي ۾ ٿي. سندن جو اصل نالو ته عبدالوھاب ھيو، پر سندن جي صاف گوئي کي ڏسي ڪري ماڻھو کين سچل يعنی سچ ڳالھائڻ وارو چوڻ لڳا، پوءِ انھن جي شاعري جا شعلا ڏسي ڪري کين سرمست به چيو ويو. سندس والد جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچي ڏنو آهي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر سان ملي ٿو.
سچل سرمست جي پيدائش سنڌ جي روايتي مذھبي گھراڻي ۾ ٿي. پر ھنن پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي خانداني ۽ ان وقت جي مذھبي روايتن کي ڀڃي ڪري پنھنجي محفلن ۾ ھندو مسلم جو فرق مٽائي ڇڏيو. ھن جي عقيدتمندن ۾ ڪيترائي ھندو به شامل آهن. سچل سرمست تصوف ۾ وحدت الوجود جو قائل ھو.
ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري,
وحدت جنين وساري، تِن تَن مٽي اڻاسي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي زندگين ۾ ستر ورھن جو فاصلو آھي۔ سچل ستر سالن کانپوءِ جڏھن صوفياڻي شاعري ۾ آيو ته ان جي وجدانیت به منفرد ھئي. ھنن سان گڏ صوفي ازم جي موسيقي به سرمستي جو سفر ڪيو ۽ شاھ ڀٽائي جي ڀيٽ ۾ نرم لھجي واري فقيرن سان سچل جي فقيرن جو اندازِ يبان منفرد ۽ بيباڪ ھيو۔
سچل سرمست سنڌ جي ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانوں جي اھڙي دورِ اقتدار ۾ زندگي گذاري، جڏھن مذھبي ڪٽرپڻو پنھنجي عروج تي ھو. ھنن پنھنجي آس پاس مذھبي نفرتن کي ڏسي ڪري سنڌي ۾ چيو:
مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا، شيخي پيري بيحد بڀلايا.
جنھن جو سادو ترجمو هي آھي تہ مذھبن ملڪ ۾ ماڻھن کي مايوس ڪيو ۽ شيخي، پيريءَ انھن کي ڀل ۾ وجھي ڇڏيو آھي۔
سچل سرمست نوّي ورھن جي عمر ۾ 14 رمضان 1242 ھجري/ 1829ع ۾ وفات ڪري ويا۔ ھو شادي شده ھيا, پر ھنن جي ڪا اولاد نه آھي۔ ھنن بنيادي عربي فارسي ٻوليجي تعليم پنھنجي خاندان جي بزرگ پنھنجي چاچي مرشد ۽ سھري خواجه عبدالحق کان حاصل ڪئي۔ سچل سرمست عرف سچي ڏنو جو والد ۽ ڏاڏو ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويا، ان ڪري سندس پرورش چاچي ميان عبدالحق ڪئي. ظاهري علم آخوند عبدالله وٽ پڙهيو. قرآن حفظ ڪيائين. ۽ ديني علمن جو عالم ٿي گذريو. پاڻ چاچي وٽان شادي ڪيائين. سچل جي فقيرن سندن ڪلام گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو. هن ڪتابن مان ڪيئي پاڻ ساڙائي ۽ ٻوڙائي ڇڏيا ته متان ماڻهو گمراهه ٿي شريعتکان منهن نه موڙين ۽ وڃي ڪفر ۾ نه پون. سندس وفات وقت سندس ڪل بيت 936400 هئا. سچل سرمست جو ڪلام سنڌي43، اردو، عربي، فارسي ۽ سرائيڪي ۾ موجود آھي. ھنن کي ھنن جو ڪلام ٻڌائڻ وارن فقيرن کي سنڌ ۾ ھڪ منفرد مقام ان لاءِ به حاصل آھي تہ ڪنھن به محفل ۾ جڏھن به مذھبي انتھا پسندي کي للڪاريو ويندو آھي ته اڄ به سھارو سچل جو ورتو وڃي ٿو

Previous
Next Post »